جميلا هاشمي

جميلا هاشمي

جميلا هاشمي 1

جميلا هاشمي: نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار ۽ ليکڪا جميلا هاشميءَ 17 نومبر 1929ع تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو. 1954ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪري استاد مقرر ٿي هن ان وقت کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سڀ کان پهرين قرت العين حيدر جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي ’نئي دنيا‘ ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ مسلسل لکندي رهندي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’اپنا اپنا جهنم‘ جي نالي سان ڇپيو، جنهن کيس بهترين ڪهاڻيڪاره طور اردو ادب ۾ متعارف ڪرايو. ان بعد سندس پهريون ناول ’تلاشِ بهاران‘ (1962ع) ڇيپو. سندس ان ناول تمام گھڻي مشهوري ماڻي. سندس شهرت ۽ سڃاڻپ جو بنياد سندس ناول ’چهره به چهره روبرو‘ ۽ ’دشت سوس‘ شامل آهن. سندس لکيل ناول ’دشت سوس‘ حسين بن منصور جي زندگي، فڪر ۽ هڪ شاهڪار ناول آهي. سندس ٻئي ناول ’دشت سوس‘، ’عشق جو آواز‘ جي نالي سان ۽ ’چهره به چهره روبرو‘ ،’آمهون سامهون‘ عنوان سان لطيف اياز پنهور سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايا آهن. جميلا هاشمي سڄي عمر لکڻ سان نڀاءُ ڪيو. هن 1998ع ۾ وفات ڪئي. سندس نياڻي عائشه صديقه به ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.11.17  عيسوي

نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار ۽ ليکڪا جميلا هاشميءَ 17 نومبر 1929ع تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد نور رضوي
ڏيپلائي محمد علي
حميد ابڙو
اشفاق لغاري
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
پوپٽي هيراننداڻي
ڌڻي بخش مگسي
عبدالحق عظيم
عبدالله خان مگسي
رعنا شفيق
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون